تسائي لون

تسائي لون: ڪاغذ جو مؤجد ’تسائي لون‘، جيڪو چيني درٻار جو عهديدار هو، جنهن 105ع ۾ شهنشاهه هوتيءَ کي ڪاغذ جو نمونو پيش ڪيو. هن خاندان جي سرڪاري تاريخي دستاويزن ۾ تسائي لون جي ڪاغذ جي ايجاد جو اصول بيان ڪيو ويو آهي. تسائي لون جو نالو چين ۾ تمام گهڻو مقبول آهي. تسائي لون جي زندگيءَ جي باري ۾ اسان کي وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي، پر چيني تاريخي دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ محنت ڪش هو ۽ اها ڳالهه به ملي ٿي ته شهنشاهه تسائي لون جي ايجاد تي ڏاڍو خوش ٿيو هو، هن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو هو، بعد ۾ هو شاهي محل جي سازشن ۾ ملوث ٿي ويو، پر اڳتي هلي هن پنهنجي هڪ ڏوهه جي سزا جي رد عمل ۾ زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻي صدي عيسويءَ ۾ چين ۾ ڪاغذ جو استعمال عام ٿي ويو، بعد ۾ ڪجهه صدين کان پوءِ چيني ڪاغذ نون مرحلن مان گذاري تيار ڪري ايشيا ۾ برآمد ٿيڻ لڳو. اڄ ڪلهه ڪاغذ ايترو عام ۽ اهم ٿي ويو آهي، جو معمول جي ڪم ڪار لکڻ پڙهڻ ۽ تعليم جو اهم ذريعو بڻيل آهي. تسائي لون کان اڳ ۾ چين ۾ بانس جي پتين تي اکر لکيا ويندا هئا .


لفظ تسائي لونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو